سيد عابد عباس ڪاظمي

سيد عابد عباس ڪاظمي

سيد عابد عباس ڪاظمي

سيد عابد عباس ڪاظمي: سيد عابد عباس ڪاظميءَ، 27 جنوري 1969ع تي مدئجي، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم کانپوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان اردو ۽ ڪيمسٽريءَ ۾ ماسٽرس ڪيائين. پوءِ ايل. ايل. بي به ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي ادب سان لڳاءُ هو. شاگرديءَ واري دور ۾ ’ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ (DSF) ۾ شامل ٿيو. ضلعي شڪارپور ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو صدر رهيو. 1989ع کان ’عوامي آواز‘ اخبار ۾ ڪالم لکيائين. ’سنڌي ادبي سنگت‘ ۽ ’سگا‘ مديجيءَ جو بنياد رکيائين. 1990ع ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل ۾ شامل ٿي ۽ ’ڪاروڪاري‘ ۽ ’انساني حقن جي تعليم‘ لاءِ پاڪستان جو Campaign Coordinator ٿيو. ڪيترن سماجي ادارن سان وابسته رهيو. 2003ع کان ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين، ۽ ساڳئي سال کان ريڊيو پاڪستان ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي. عابد ڪاظمي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندو آهي، ڪالم لکندو آهي. سندس ڪالمن ۽ فيچرن جو ڪتاب ’وساورني‘ ۽ اردو شاعريءَ جو ڪتاب ’خواب هوائين‘ (2012ع) ڇپجي چڪا آهن. کيس ڪيترا اوارڊ ۽ ملي چڪا آهن. ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ لاڙڪاڻي ضلعي جو سيڪريٽري رهيو آهي. ان کان سواءِ ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه جو اسٽيشن ڊائريڪٽر به رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.01.27  عيسوي

سيد عابد عباس ڪاظميءَ، 27 جنوري 1969ع تي مدئجي، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڌرم ڪمار تولاڻي
سيٺ طيب علي علوي
بلاول زرداري
ابن الهيثم
پرڌان روپچند ڊاڪٽر
ڄام فتح خان
امير علي شاهه ڄاموٽ
مير بزرگ بکري
سيد محمد مڪي بکري
راڻو رتن سنگهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون